محمد حفيظ آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ ناڪامين جو سبب ٻڌائي ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ ڪرڪيٽ بورڊ جي قائم مقام چيئرمين شاهه خاور سان ملاقات ۾ قومي ٽيم جي لاهور ۽ نيوزيلينڊ ۾ شڪستن جا ڪارڻ ٻڌايا.
لاهور ۾ پي سي بي هيڊ ڪوارٽرز ۾ قومي ٽيم جي ڊائريڪٽر محمد حفيظ ۽ پي سي بي جي قائم مقام چيئرمين شاهه خاور وچ ۾ ملاقات جي موقعي تي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير به موجود هو.
ذريعن موجب محمد حفيظ ٻڌايو ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دوري ۾ رانديگرن جو ڌيان نه هو.
هن پاڪستان ڪرڪيٽ جي بهتري جي حوالي سان قدمن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
ذريعن موجب محمد حفيظ جو ڪانٽريڪٽ به ختم ٿي چڪو آهي، بورڊ محمد حفيظ کي بين الصوبائي رابطن واري وزارت کان هدايتون وٺي جلد کان جلد آگاهه ڪرڻ جو چيو آهي، وزارت بورڊ کي ڊگهو ڪانٽريڪٽ ڏيڻ کان روڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.