آفريقي ملڪ مالي ۾ سون جي کاڻ ۾ حادثي جي نتيجي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 70 کان وڌيڪ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويا.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مالي جي مقامي کاڻون کوٽيندڙ گروپ جي اڳواڻ ٻڌايو آهي ته گذريل هفتي ماليان ۾ سون جي کاڻ ويهجي وڃڻ سبب 70 کان وڌيڪ مزدور فوت ٿي ويا.
هن ٻڌايو ته حادثي جي وقت سون جي کاڻ ۾ 200 کان وڌيڪ مزدور موجود هئا، ريسڪيو آپريشن ۾ 73 ڄڻن جا لاش ڪڍيا ويا آهن.
ٻي پاسي مالي جي کاڻن واري وزارت اڱاري جي ڏينهن هڪ بيان ۾ ڪيترن ئي مزدورن جي فوت ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو پر درست انگ اکر نه ٻڌايا ويا هئا.
مالي جي حڪومت حادثي م فوت ٿي ويل مزدورن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.