آمريڪي سفير آءِ بي اي ڪراچي پهتو، شاندار آجيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي ۾ سينٽر فار انٽرپرينيوريل ڊيولپمينٽ (سي اي ڊي) پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم جي هڪ نيٽ ورڪنگ ميٽنگ ۾ آجيان ڪئي، جتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر آءِ بي اي ڊاڪٽر اڪبر زيدي آءِ بي اي ڪراچي جو تعارف پيش ڪيو.
آمريڪي سفير سان گڏ ڪراچي ۾ آمريڪي قونصل جنرل مسٽر ڪونراڊ ٽريبل سميت پبلڪ افيئرز آفيسر مسٽر لي ميڪ مينس ۽ ٻيا به موجود هئا.
آمريڪي سفير دلچپسي سان IBA-CED جي ڪيترن ئي ذڪر جوڳن اسٽارٽ اپس جي بانين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جن ۾ Get Go Rides, Valeem Logexcourier, Khud Muhafiz ۽ IBA-CED جي Green Enovate ويسٽ مئنيجمينٽ چئلينج سميت Royella Trading ۽ Dominator Bio Tech جا ونرز به شامل هئا، هن انهن جي ڪم جي تعريف ڪئي ۽ اسٽارٽ اپ جي پويان انهن جي نظرئي کي به ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.