پاڪستان مخالف فلم ” فائٽر“ تي نار ملڪن ۾ پابندي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اداڪار هرٿيڪ روشن ۽ دپيڪا پڊڪون جي فلم ” فائٽر“ بين القوامي سطح تي رليز کان اڳ ئي مشڪل جو شڪار ٿي وئي آهي، فلم تي نار وارن ڪجهه ملڪن ۾ پابندي جا اطلاع سامهون آيا آهن.
ڀارتي ميڊيا موجب، فائٽر تي گڏيل عرب رياستن کانسواءِ سمورن نار وارن ملڪن ۾ پابندي مڙهي وئي آهي.
رپورٽن موجب، فائٽر جي ٽيم جي ويهجن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته فلم جي رليز تي گڏيل عرب رياستن کانسواءِ ٻين نار وارن ملڪن ۾ پابندي آهي.
فلمن جي ڪاروبار تي نظر رکندڙ فلم پروڊيوسر سرگريش جوهر به سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي فلم تي پابندي جي تصديق ڪئي آهي.


اهڙي قسم جي خبرن تي فائٽر جي ٽيم طرفان اڃا تائين جو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو، فلمسازن به خبر جي تصديق يا ترديد ناهي ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب، فائٽر نار وارن ملڪن ۾ رليز لاءِ اتان جي سينسر بورڊز وٽان ڪليئر ناهي ٿي سگهي، جڏهن ته فلم جي رليز تي پابندي جو ڪو واضح سبب سامهون ناهي آيو.
ان کان اڳ ڪويت ۽ قطر ۾ سلمان خان جي فلم ٽائيگر ٿري جي رليز تي به پابندي مڙهي وئي هئي.
فائٽر ۾ دپيڪا پڊڪون، هريٿڪ روشن ۽ انيل ڪپور مک ڪردار ادا ڪيو آهي جڏهن ته هدايتڪار سڌارٿ آنند آهي، فلم 25 جنوري ڀارت جي جهموريت جي ڏهاڙي تي رليز ڪئي ويندي.
فلم جي ڪهاڻي ڀارتي هوائي فوج جي خاص جنگي يونٽ جي اهلڪارن جي چوڌاري ڦري ٿي، ڪجهه ڏينهن اڳ فلم جو ٽريلر جاري ڪيو ويو جنهن تي پاڪستان ۾ ڇتي تنقيد ڪئي وئي هئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن فلم کي پاڪستان مخالف ۽ پروپئگنڊا قرار ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.