ياماها جي وڏي آفر، بنا وياج جي قسطن جو پلان متعارف

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موٽرسائڪلون ٺاهيندڙ ڪمپني ياماها وڌندڙ اگهن ۽ سيلز گهٽجڻ تي ضابطو آڻن لاءِ واهپيدارن کي آڇ ڪري ڇڏي آهي.

ياماها نيو ايئر سپرائز جو اعلان ڪندي قسطن تي موٽرسائيڪل حاصل ڪندڙن لاءِ آفرز جو اعلان ڪيو آهي.

ڪمپني موجب جيڪڏهن ڪو واهپيدار 8 مهينن جي قسطن تي موٽرسائيڪل خريد ڪندو ته ان کان ڪو وياج نه ورتو ويندو.

ڪمپني اها آڇ مختصر وقت لاءِ متعارف ڪرائي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.