”ڪراچي کي لنڊن ٺاهڻ جو واعدو ڪندڙن لنڊن ۾ ملڪيتون ٺاهيون“

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان 40 سال حڪومت ۾ رهي، هڪ يونيورسٽي به نه ٺاهي سگهي.
ڪراچي ۾ گرلز ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي کي لنڊن بڻائڻ جو واعدو ڪندڙن لنڊن ۾ ئي ملڪيتون ٺاهي ورتيون.
هن چيو ڪو وقت هو جڏهن شهر ۾ خوف جو راڄ هو، نالن مان ٻوريون بند لاش ملندا هئا پر اڄ شهر ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال ناهي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته اسان ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا، اختيارن جو پٽڻو نه پيا پٽيون، ڪراچي وارن خدمت جي بنياد تي پ پ جي چونڊ ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.