پوپ ڪارن کائڻ جا صحت لاءِ حيران ڪندڙ فائدا

پوپ ڪارن کي سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو شوق سان کائيندا آهن.
پر ڇا واهان کي خبر آهي ته پوپ ڪارن کائڻ جي عادت سان صحت تي ڪيترا حيران ڪندڙ اثر پوندا آهن؟
جيڪڏهن نه ته ڄاڻي وٺو ته ان ۾ گھڻي لوڻ ۽ گيهه جو اضافو نه ڪيو وڃي ته اهي صحت لاءِ فائديمند شيءِ آهن.
وڌيڪ سٺي ڳالهه اها آهي ته انهن کي تيزي ۽ سولائي سان گھر ۾ تيار ڪري سگھجي ٿو.
پوپ ڪارن ۾ فائبر جهڙو جُز جهجهي مقدار ۾ هوندو اهي جڏهن ته مختلف اينٽي آڪسائيڊنٽس ۽ ٻيا جز به جسم کي ملندا آهن.
پوپ ڪورن کائڻ سان صحت تي پوندڙ اثر هيٺ بيان ڪجهن ٿا، پر اهو واضح رهي ته اهي فائدا ان وقت ٿين ٿا جڏهن پوپ ڪارن ۾ لوڻ جو مقدار گھڻو گھٽ هجي.
غذائي جُز
پوپ ڪارن ۾ فائبر ۽ مختلف اينٽي آڪسائيڊنٽس سان گڏوگڏ آئرن، ميگنيشم، فاسفورس، زنڪ، ڪاپر، پوٽاشيم، پروٽين، ڪاربوهائڊريٽس، سڻڀ، فوليٽ، وٽامن بي 3، وٽامن بي 2، وٽامن بي 1، وٽامن بي 6، وٽامن اي، وٽامن اي، وٽامن ڪي ۽ Pantothenic acid جهڙا غذائي جُز به موجود هوندا آهن.
پوپ ڪورن، شگر، دل جي مرضن جو خطرو گھٽائن ٿا، جسماني وزن، بلڊ پريشر کان بچاءُ ڪن ٿا ۽ هاضمي جو نظام به بهتر ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.