عام چونڊون: تعليمي ادارن ۾ موڪلن جي حوالي سان اهم خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ عام چونڊن جي موقعي تي تعليمي ادارن ۾ 8 موڪلن جو امڪان آهي، 4 فيبروري آچر کان بند ٿيندڙ اسڪول 12 فيبروري سومر تي کلندا.
پاڪستان ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ٿينديون، جنهن جون تياريون عروج تي آهن.
عام چونڊن کي ڏسندي تعليمي ادارن ۾ 8 موڪلن جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ ۾ چونڊن لاءِ 8 فيبروري خميس تي پولنگ ٿيندي، 4 فيبروري تي آچر ۽ 5 فيبروري تي ڪشمير ڏهاڙي سبب تعليمي ادارا بند رهندا، جڏهن ته 6 کان 10 فيبروري تائين عام چونڊن جون موڪلون هونديون.
ان کانپوءِ 11 فيبروري تي وري آچر اچي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ تعليمي ادارا 12 فيبروري تي کلندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.