سپريم ڪورٽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ٽن مهينن جي رپورٽ ويب سائيٽ تي جاري ڪري ڇڏي.
سپريم ڪورٽ جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 19 اي تحت ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو حق آهي، سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 19 اي تحت پهريون ڀيرو پنهنجي ٽن مهينن جي رپورٽ جاري ڪئي، اها رپورٽ سيپٽمبر کان ڊسمبر 2023 تائين جي آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سپريم ڪورٽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي 16 سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪيئ، سپريم ڪورٽ ٽن مهينن ۾ 859 ڪيس اڪلايا، 17 سيپٽمبر 2023 ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 56 هزار 503 هو.
ٽن مهينن جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 16 ڊسمبر 2023 ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جو انگ 55 هزار 655 رهجي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.