ڀارتي جهاز افغانستان ۾ ڪِري تباهه

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ مسافر جهاز جبلن تي ڪِري تباهه ٿي ويو.
افغان ميڊيا موجب افغان صوبي بدخشان جي ضلعي زيبڪ ۾ ڀارت جو مسافر جهاز جبلن تي ڪِري تباهه ٿي ويو پر ڀارتي سول ايويئيشن جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ ڪِري تباهه ٿيل جهاز ڀارتي نه هو.
افغان پوليس موجب مسافر جهاز گذريل رات ريڊار تان گم ٿي ويو هو، جهاز بدخشان جي اتر اوڀر حصي ۾ ڪِري تباهه ٿيو.
افغان اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ لاءِ ٽيم علائقي ۾ موڪلي وئي آهي.
افغان ميڊيا موجب جهاز جي قسم، مسافرن جي انگ ۽ حادثي جو سبب فوري طور تي واضح نه ٿي سگھيو آهي.
صوبائي اطلاعات کاتي جي سربراهه ذبيح الله اميري به ڀارتي جهاز جي ڪِرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته هنڌ اڃا تائين خبر نه پئجي سگھيو آهي، مقامي ماڻهن جهاز ڪِرڻ جو اطلاع اڄ ڏنو هو، ٽيمون موڪليون ويون آهن جيڪي اڃا تائين حادثي واري هنڌ تائين نه پهتيون آهن.
ٻي پاسي روسي ايوي ايشن اختيارين ٻڌايو آهي ته روسي رجسٽرڊ جهاز ڇنڇر جي ڏينهن شام جو افغانستان ۾ ريڊار تان گم ٿيو، فرانسيسي ڊيسالٽ فالڪن 10 جيٽ جهاز ۾ 6 ڄڻا سوار هئا.
روسي ايويئيشن اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ جهاز هڪ چارٽرڊ فلائيٽ هئي، جهاز ڀارت کان ازبڪستان رستي ماسڪو وڃي رهيو هو، افغانستان ۽ تاجڪستان جي اختيارين سان رابطي ۾ آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.