ثانيا مرزا جو اڳوڻي مڙس شعيب ملڪ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

اڳوڻي ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي ڀيڻ انعم مرزا سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ شعيب ملڪ ۽ ثانيا مرزا جي طلاق جي تصديق ڪري ڇڏي.
انعم مرزا آچر جي صبح انسٽاگرام تي پنهنجي گهر ڀاتين ۽ ثانيا جي ٽيم طرفان هڪ بيان جاري ڪيو.
شيئر ڪيل نوٽ ۾ لکيو ويو ته ثانيا سدائين عوام کان پنهنجي نجي زندگي کي لڪائي رکيو پر اڄ ضرورت پيش اچي وئي آهي ته هوءَ اها ڳالهه سڀني سان شيئر ڪري ته شعيب ۽ ان جي طلاق کي ڪجهه مهينا گذري ويا آهن.
پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته ثانيا پنهنجي اڳوڻي مڙس شعيب جي نئين زندگي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿي.
انعم مرزا جي اڪائونٽ تان سامهون ايندڙ پوسٽ ۾ مداحن کي درخواست ڪئي وئي ته ثانيا جي زندگي جي هن نازڪ وقت تي سڀني مداحن کي اپيل ٿا ڪيون ته ڪنهن به قسم جي ڪوڙين خبرن تي ڌيان نه ڏين ۽ پرائيويسي جو خيال رکن.
اهو نوٽ ثانيا مرزا جي پيءُ عمران مرزا طرفان به ايڪس اڪائونٽ تي شيئر ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.