قسطن تي موبائل فون ملڻ جي انتظار ۾ ويٺل پاڪستانين کي ڌچڪو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قسطن تي موبائل جي حڪومتي پروگرام سان اميدون لڳائيندڙن کي مايوسي ٿي وئي، ڇو ته قسطن تي موبائل فون ڏيڻ جي پروگرام جي وڏي مشهوري ته ڪئي وئي پر اهو منصوبو امڪاني طور دير جو شڪار ٿي ويو آهي.
انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن طرفان موبائل فون فنانسنگ اسڪيم جي شروعات ۾ رنڊڪ اچي وئي، وفاقي حڪومت ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ پاليسي مسودو واپس وٺي ڇڏيو آهي.
حڪومت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته اها قانون واري وزارت طرفان مڪمل جاچ پڙتال کانپوءِ پاليسي کي ٻيهر جمع ڪرائي.
ان وقت قانون واري وزارت طرفان غور هيٺ ان پاليسي کي ايندڙ ڏينهن ۾ وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، جيڪڏهن منظوري ملي وڃي ٿي ته امڪاني طور اها اسڪيم هن مهيني جي آخر يا ايندڙ مهيني جي منڍ ۾ شروع ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.