مانجهند: مسافر وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر، 6 ڄڻا فوت، 15 زخمي

مانجهند ڀرسان مسافر وين ۽ ڪار ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
خاڻوٺ ٿاڻي جي ۾ انڊس هاءِ وي تي سيوهڻ کان ڄامشورو ويندڙ مسافر وين ۽ ڪار ۾ آمهون سامهون ٽَڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ ماءُ ۽ پٽ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مقامي ڳوٺاڻن حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين ۽ کي لمس اسپتال ڄامشورو ۽ تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو.
فوتين ۾ وين ۾ سوار ڪوٽڙي واسڻ مقدس نوحاڻي، سندس ٽن ورهين جو پٽ محمد سليم، ٽنڊو ڄام واسي ڪار ڊرائيور رياض پٽ الهه بچايو نظاماڻي، لاڙڪاڻو واسي 20 ورهين جو نوجوان لعل بخش لاڙڪ، ڊيرا اسماعيل خان واسي 34 ورهين جو محمد اسماعيل ۽ هڪ اڻڄاتل شخص شامل آهن جڏهن ته زخمين ۾ سيد زين العابدين شاهه، اڪرم علي شاهه، منير لغاري، نياز حسين جوڻيجو، اللّه ڏنو ڪوريجو، محمد رشيد عباسي ۽ ٻيا شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.