ملازمن جون پگهارون ڊبل ڪنداسين: خورشيد شاهه

سکر ( ويب ڊيسڪ ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته ماضي ۾ ڪمشنر کان پڇي نمائندا چونڊيا ويندا هئا، ملازمن جون پگهارون ڊبل ڪيون وينديون.
سکر ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته جيڪو مشن ذولفقار علي ڀٽو اڌ ۾ ڇڏيو هو اِهو اسان مڪمل ڪنداسين.
هن چيو ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، ماضي ۾ عوام کان پڇيو نه ويندو هو ڪنهن کي نمائندو بڻايون، ڪمشنر کان پڇي نمائندا چونڊيا ويندا هئا.
پ پ اڳواڻ چيو ته هاڻي عوام کان پڇي ڪري نمائندا چونڊيا ويندا آهن، اسان جيڪي عوام سان واعدا ڪيا پورا ڪري ڏيکاريا.
سندس چوڻ هو ته بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام ڏنو، هاڻي ان ۾ اضافو ڪنداسين، ملازمن جون پگهارون وڌائي ڊبل ڪنداسين.
خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته بجلي جو مسئلو آهي، سولر پئنلز ذريعي مفت بجلي ڏينداسين، اسان چاهيون ٿا ته رياست مضبوط ٿئي، عوام پنهنجي پيرن تي بيهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.