عام چونڊون: انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي نفري مقرري جوفارمولو طئي ٿي ويو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ عام چونڊن کي نظر ۾ رکندي انتهائي حساس ۽ ٻين ڪيٽيگريز جي پولنگ اسٽيشنز تي نفري مقرري جو فارمولو طئي ٿي ويو .
ذريعن موجب، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس وچ ۾ عام چونڊن دوران سيڪيورٽي بابت معاملا طئي ٿي ويا، جنهن تحت اليڪشن ڪميشن انتهائي حساس، حساس ۽ سي ڪيٽيگري وارين پولنگ اسٽيشنز تي نفري مقرريءَ جو نئون فارمولو ڏئي ڇڏيو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي پنج، حساس پولگ اسٽيشنز تي چار ۽ سي ڪيٽيگري وارين پولنگ اسٽيشنز تي ٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويندا.
ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن طرفان انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي ڇهه، حساس ۽ سي ڪيٽيگري واري پولنگ اسٽيشنز تي پنج ۽ چار اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فارمولو ڏنو ويو هو، جنهن تي پوليس نفري جي کوٽ سبب اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.