ٻانهُن کان محروم ڪرڪيٽر عامر حسين، جنهن سان سچن ٽنڊولڪر به ملڻ چاهي ٿو

چوندا آهن ته جڏهن ڪنهن ڪم يا شوق کي پورو ڪرڻ جو پهه ڪيو وڃي ته ڪا به طاقت اوهان کي روڪي نٿي سگهي اهڙو ئي ڪجهه والاريل ڪشمير سان واسطو رکندڙ نوجوان ڪيو جنهن کي سندس ٻنهي ٻانهن جي معذوري به ڪرڪيٽ کان پري نه ڪري سگهي.
والاريل ڪشمير جي اننت ناگ ضلعي سان واسطو رکندڙ عامر حسين ڪرڪيٽ کي جنون جي حد تائين پسند ڪرڻ وارن ماڻهن منجهان آهي جيڪو ٻانهن کان محروم هئڻ باوجود ڪيئي ورهين کان گهر ڀرسان ڪرڪيٽ جي مشق جاري رکيون پيو اچي هو هن وقت والاريل ڪشمير جي پيرا ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان پڻ آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Instant Bollywood (@instantbollywood)


عامر حسين لون 1997ع ۾ اٺن ورهين جي ڄمار ۾ هڪ حادثي ۾ پنهنجون ٻانهون وڃائي ويٺو هو پر ان حادثي باوجود هن هار نه مڃي ۽ پنهنجن ڄنگهن سان ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي.
ويجهڙ ۾ ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان سچن ٽنڊولڪر عامر جي خواهش جو احترام ڪندي سندس لاءِ اتساهيندڙ ٽوئيٽ پڻ ڪئي ۽ لکيو ته هو هڪ ڏينهن عامر سان ضرور ملندو ۽ ان ڏينهن کيس جرسي پڻ ڏيندو.
ان کان اڳ اڳوڻو ڀارتي ڪرڪيٽر اشيش نهرا به 2016ع ۾ ممبئيءَ ۾ ٿيل ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سيمي فائنل ڏسڻ لاءِ عامر کي دعوت ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.