ايران جي پاڪستان سان سرحدي بارڊر تي اچ وڃ جاري رهڻ جي دعويٰ

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ زميني بارڊر تي واپاري شين جي چُرپر جاري آهي.
ايراني ميڊيا ميرجاوه بارڊر جي منتظم حسين علي شاهه ڪرم جي حوالي سان ٻڌايو ته سندس موجب گذريل ڏينهن 258 ايراني ٽرڪون ۽ ٽرالر ميرجاوه بارڊر کان ايران ۾ داخل ٿيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته خميس جي صبح به بارڊر تي چرپر جي حوالي سان ڪي رنڊڪون پيش نه آيون، تنهن ڪري گاڏين جي اچ وڃ جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي ۽ ان حوالي سان اڃا تائين ڪو مسئلو پيش ناهي آيو.
واضح رهي ته ذريعن چيو هو ته رات اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ايران سان جڙيل بارڊر اڻڄاتل مدي تائين بند ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.