”فوٽو ڪڍرائينداسين“ گهوٽ ڪنوار شادي جي پهرئين ئي ڏينهن ٿاڻي تي پهچي ويا

مظفر ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) پوليس اسٽيشن تي عام طور تي ته ڏوهاري ئي ايندا آهن پر گهوٽ ڪنوار شادي کانپوءِ ٿاڻي تي پهچي ويا.
مظفر ڳڙهه ۾ گهوٽ زندگي جي خاص ڏينهن تي پنهنجي ڪنوار کي فوٽو شوٽ لاءِ ٿاڻي وٺي ويو.
ان انوکي فيصلي جو سبب مظفر ڳڙهه، سٽي ٿاڻي جي خوبصورتي بڻي، جنهن کان متاثر ٿي گهوٽ پنهنجي شادي جو فوٽو شوٽ اتي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.
گهوٽ عبدالصمد جو چوڻ هو ته هن سوشل ميڊيا تي ٿاڻي جي نئين عامرت ڏٺي، پوءِ پاڻ اچي ڏٺو ته زال جي صلاح سان ايس ايڇ او کان هتي فوٽو گرافي جي اجازت گهري.
فوٽو گرافي جي اجازت ڏيڻ تي پوليس جا ٿورا مڃيندي هن چيو ته ايس ايڇ او خرم رياض کر نه رڳو فوٽو شوٽ جي اجازت ڏني پر بهترين ماحول به فراهم ڪيو، جتي مان پنهنجي گهرواري سان گڏ زندگي جي بهترين لمحن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيو.
سندس چوڻ هو ته هي ٿاڻو ڪنهن وڏي ريسٽورنٽ کان گهٽ ناهي ۽ مان هتي فوٽو شوٽ ڪرائي سٺو محسوس ڪري رهيو آهيان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.