ايراني حملو، چابهار ۾ ٽريڊ ڪميٽي اجلاس ڇڏي پاڪستاني وفد موٽي آيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايران طرفان پاڪستان ۾ دراندازي تي چابهار ۾ جوائنٽ بارڊر ٽريڊ ڪميٽي جو اجلاس ختم ڪيو ويو.
پاڪستاني وفد اجلاس ڇڏي ڏيهه موٽي آيو ۽ وفد چاربهار فري زون فيسٽيول ۾ شرڪت کان معذرت ڪري ڇڏي.
پاڪستاني وفد جي قيادت چيف سليڪٽر ڪسٽم آفتاب اقبال ميمڻ ڪري رهيو هو ۽ 35 رڪني وفد ۾ ڊي سي گوادر اورنگزيب باديني به شامل هو.
گوادر ۽ ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جا نمائندا به وفد جو حصو هئا، ان حوالي سان ڊي سي گوادر اورنگزيب باديني چيو ته اسلام آباد مان هدايت ملڻ کانپوءِ وفد وطن واپس اچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.