غير قانوني پرڏيهي خطرو آهن، واپسي ضروري هئي: انوار الحق ڪاڪڙ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ عام چونڊن جون تياريون جاري آهن، جنهن لاءِ نگران حڪومت پنهنجي ذميواري بهتر نموني نڀائيندي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته عوام کي ووٽ وجهڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ سندن ذميواري آهي، چونڊن کان پوءِ ايندڙ 5 ورهين لاءِ عوام جا چونڊيل نمائندا حڪومت ڪندا.
هن چيو ته معيشت جي بحالي پهرين ترجيح رهي آهي، معاشي سڌارا اڻٽر آهن، آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جو مضبوط موقف آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي زور مذمت ڪري ٿو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان گذريل 4 ڏهاڪن کان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، غير قانوني طور ترسيل افغان پناهگيرن جي واپسي ضروري هئي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو به ايندو اُهو قانوني دستاويزن سان ئي داخل ٿيندو، غير قانوني پرڏيهي پاڪستان جي سيڪيورٽي لاءِ خطرو آهن.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان هڪ خود مختيار ملڪ آهي، خطي جي صورتحال ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان جا چين سان اسٽريٽجڪ لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.