پي ٽي آءِ جو ذڪر هاڻ ماضي جي ڪهاڻين ۾ ٿيندو: پرويز خٽڪ

نوشهرا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف پارليامينٽيرينز جي چيئرمين پرويز خٽڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ذڪر هاڻ ماضي جي ڪهاڻين ۾ ٿيندو.
نوشهرا جي علائقي جهانگيرا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجي ڪرتوتن سبب انجام تي پهتي، سڄي پارٽي چونڊ ڊوڙ کان ٻاهر ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جو ذڪر هاڻ ماضي جي ڪهاڻين ۾ ٿيندو، ادارن تي تنقيد بدران پي ٽي آءِ باني پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائي.
سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجا اميدوار ميدان ۾ لاهي ڇڏيا آهن، بنا ڪنهن اتحاد ۽ سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي صوبي ۾ حڪومت ٺاهينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.