ماڻهن جو حق ٺهي ٿو ته اسان جي ڳچي پڪڙي چون مسئلا حل ڪيو: خواجا آصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته اسان فوج تي ڪڏهن به اداري طور تنقيد ناهي ڪئي.
سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته چونڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهجي ويا آهن ۽ ماڻهو پڇن ٿا ته شهر ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو آهي.
هن چيو ته نواز شريف 46 ارب رپيا لڳائي موٽر وي ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ هڪ سر به نه لڳي، نواز شريف کي چوٿون ڀيرو موقعو مليو ته رهيل مسئلا به حل ڪندو.
سندس چوڻ هو ماڻهن جو حق ٺهي ٿو ته اسان جي ڳچي پڪڙي چون ته مسئلا حل ڪيو، اسان فوج تي ڪڏهن به اداري طور تنقيد نه ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.