سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف سوشل ميڊيا مهم جي روڪٿام لاءِ جي آءِ ٽي قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ مهم جي روڪٿام لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي.
گهرو وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ جي آءِ ٽي جو ڪنوينر هوندو، ان کانسواءِ آءِ بي، آءِ ايس آءِ جا نمائندا ۽ ڊي آءِ جي اسلام آباد پوليس جي آءِ ٽي ۾ شامل هوندا، جڏهن ته پي ٽي اي جو نمائندو به شامل هوندو.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي جوابدارن جي سڃاڻپ ڪري انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سفارشون ڏيندي.
نوٽيفڪيشن موجب جي آءِ ٽي سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف مهم هلائيندڙن جو پتو لڳائيندي ۽ انهن کي عدالت ۾ پيش ڪري چالان پيش ڪندي، جي آءِ ٽي 15 ڏينهن ۾ شروعاتي رپورٽ گهرو وزارت کي موڪليندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.