گڏهه گاڏي وارو چونڊ نشان وٺڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ايس 76 گهوڙا ٻاري تي اليڪشن لاءِ گڏهه گاڏو هلائيندڙ اميدوار نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويو.

اٺين پاس اميدوار کان چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي اليڪشن ڪميشن جي قانون موجب فارم ڀرڻ اچي ئي نٿو، چونڊ وڙهڻ جي اجازت ڪيئن ڏئي سگهون ٿا؟

اميدوار معشوق علي جانوري بابت وڪيل جو چوڻ هو ته درخواست گذار اٺين پاس آهي، کانئس فارم ڀرڻ ۾ ڪجهه غلطيون ٿيون آهن.

چيف جسٽس چيو ته ڀلي اٺين پاس هجو يا پي ايڇ ڊي ڪيل هجي، سمورا قائدا پورا ڪرڻا پوندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.