”ڀيڻيوي جي جنازي ۾ شرڪت جي اجازت نه ملي، ڀيڻ کي پرسو به نه ڏئي سگهيس“

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي تاريخ پنهنجو فيصلو ڪندي، سڄي قوم ڏٺو ته پي ٽي آءِ کي ڪيئن ليول پليئنگ فيلڊ ملي.
اڊيالا جيل ۾ عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته اسان چونڊون وڙهنداسين ۽ آزاد وڙهنداسين، لکي وٺو ته هنن چونڊن جو جنازو نڪري ويو آهي.
هن چيو ته منهنجي ڌيءَ اسڪروٽني لاءِ وئي، ان جا نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا، ڌيءَ کي شهر ڇڏڻو پيو.
سندس چوڻ هو اسان جو پيغام آهي ته جنهن وٽ جيڪو نشان آهي، ان ان کي ئي بيٽ سمجهي، اسان وٽ پلان بي هو، اسان سمجهيو هو بيٽ نه ته کيڏڻ واري تي ووٽر مطمئن هوندو، عدالتن جو فيصلو تسليم آهي، تاريخ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي پنهنجو فيصلو ضرور ڪندي.
شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ باني جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ملڪ ۾ صاف، شفاف چونڊون ڪرايون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن جو اوپن ٽرائل ٿي سگهي ٿو ته هتي ڇو نه؟ سائفر ڪيس جو ٽرائل لائيو ڏيکاريو وڃي.
اڳوڻو پرڏيهي وزير ڳالهائيندي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ چيائين ته ڀيڻيوي جي لاڏاڻي تي درخواست ڪئي ته جنازي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي پر جنازي ۾ شرڪت جي اجازت به نه ملي ۽ ڀيڻ کي پرسو به نه ڏئي سگهيس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.