پاڪستان حوثي حملن خلاف ٽاسڪ فورس 153 ۾ شامل ٿيڻ جي آمريڪي دعوت رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان احمر سمنڊ ۾ حوثي حملن خلاف ٽاسڪ فورس 153 ۾ شامل ٿيڻ جي آمريڪي دعوت رد ڪري ڇڏي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان نيوي جي جهازن جي عربي سمنڊ ۾ مقرري ٽاسڪ فورس 153 سان جوڙڻ ۾ حقيقت ناهي.
سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان نيوي جي جهازن جي مقرري کي حوثين خلاف آمريڪي ڪارروائي سان جوڙڻ پروپئگنڊا آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب آمريڪا احمر سمنڊ ۾ حوثي حملن خلاف ٽاسڪ فورس 153 ٺاهڻ جو اعلان ڪيو هو پر پاڪستان ٽاسڪ فورس 153 ۾ شامل ٿيڻ جي آمريڪي دعوت رد ڪري ڇڏي هئي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان احمر سمنڊ ۾ ٽاسڪ فورس 153 ۽ آپريشن پراسپيرٽي گارڊين جو حصو ناهي، حوثين خلاف آمريڪي اتحادي حملن جو پاڪستان نيوي جي مقرري سان واسطو ناهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪستان ٽاسڪ فورس 153 سميت اهڙي ڪنهن اتحاد ۾ شموليت جو ارادو نٿو رکي، جيڪو فلسطين مسئلي خلاف هجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.