ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا ايپلٽ ٽربيونل جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اڳوڻي گهرو وزير ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهرواري فهميده مرزا ايپلٽ ٽربيونل جو فيصلو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو.
ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا طرفان سندن پٽ حسنين مرزا درخواستون داخل ڪيون، جن ۾ چيو ويو آهي ته رٽرننگ آفيسر ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا هئا، اليڪشن ٽربيونل به رٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو هو.
درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا کي بئنڪ ۾ عدم ادائيگين تي نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا اين اي 223 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جڏهن ته اڳوڻي صوبائي وزير پي ايس 70، 71 ۽ 72 تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.