تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ نظرياتي وچ ۾ معاهدي جو انڪشاف

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ انصاف نظرياتي وچ ۾ معاهدي جا تفصيل سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب تحريڪ انصاف ۽ تحريڪ انصاف نظرياتي وچ ۾ معاهدو 30 ڊسمبر تي ٿيو.
معاهدي موجب 7 سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿيڻي هئي ۽ اختر اقبال ڊار کي سينيٽ جي سينيٽ ڏيڻي هئي.
معاهدي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي سطح تي مخصوص سيٽ لاءِ هڪ اميدوار نظرياتي پارٽي کي ڏيڻو هو، نظرياتي پارٽي کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ – هڪ سيٽ ڏيڻي هئي.
معاهدي موجب تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي بيٽ جي نشان تي وڙهڻو هو ۽ ٻنهي جماعتن لاءِ پي ٽي آءِ باني جو فيصلو حتمي هوندو.
نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي سينيٽر علي ظفر معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته اهو اسلام آباد ۾ ٿيو، افسوس جو تحريڪ انصاف نظرياتي جا اڳواڻ معاهدي تان پوئتي هٽي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.