چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو، 10 مزدور فوت

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين ۾ ڪوئلي جي کاڻ ويهڻ سبب 10 مزدور فوت ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي ۾ 6 مزدور زخمي به ٿيا، جن کي اسپتال نيو ويو، حادثو چين جي وچ صوبي بينان ۾ پيش آيو.
چيني ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڌماڪو کاڻ مان گئس غير معمولي طور خارج ٿيڻ سبب ٿيو، ڌماڪي وقت کاڻ ۾ 425 ماڻهو موجود هئا.
ملبي مان مزدورن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي ۽ اختيارين فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.