اسان سدائين سياست ۽ صحافت جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا آهيون: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته اسان سدائين سياست ۽ صحافت جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا آهيون.
سکر ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه چيو ته سياست ۽ صحافت سان جيتري زيادتي ڪئي وئي، ايتري ڪنهن ٻئي شعبي سان نه ٿي.
هن چيو ته اسان سدائين سياست ۽ صحافت جي آزادي لاءِ وڙهندا رهيا آهيون، حڪومت ڪرڻ جو شوق هجي ها ته 3، 4 سال حڪومت ڪري ٻاهر هليا وڃون ها.
سندس چوڻ هو ته اها مٽيءَ جي محبت هئي جو شهادت جو پتو هجڻ باوجود محترمه بينظير ڀٽو وطن واپس آئي، اسان جي ڪارڪنن سدائين جمهوريت جي ڏيئي کي روشن رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.