قيدين جي بي آءِ ايس پي رجسٽريشن شروع

ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ڊسٽرڪٽ جيل ايبٽ آباد جي سپرنٽينڊنٽ حميد اعظم جي ڪوششن سان ڊسٽرڪٽ جيل ايبٽ آباد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي،

اين سي ايڇ ڊي عملي پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ قيدين جي رجسٽريشن شروع ڪئي وئي آهي.

پروگرام جي آگاهي مهم دوران جيل جي اڪثر قيدين جو چوڻ هو ته سندن مائٽ مختلف سببن جي ڪري بي آءِ ايس پي آفيسن ۾ سروي ۾ شامل نه ٿي سگهيا آهن، ان ڪري سندن جيل ۾ سروي ڪرائي وڃي ۽ کين رعايتي اگهه تي کاڌو پيتو ڏنو وڃي.

ايبٽ آباد ۾ هي جيل واحد جيل آهي جتي قيدين لاءِ اهو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.