سمارٽ فون جي نشي کان ڇوٽڪارو، عورت حل ڳولي ورتو

ممبئي جديد دور ۾ سمارٽ فون کانسواءِ رهڻ گھڻو ڏکيو لڳندو آهي ايتري تائين جو ان جو استعمال نوجوانن ۾ نشي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي پر ڀارتي عورت ان مسئلي جو انوکو حل ڳولي ورتو.

ڀارتي ميڊيا موجب منجو گُپتا ناهي ڀارتي عورت پنهنجي مڙس ۽ ٻارن جي سمارٽ فون جي عادت ڇڏائڻ لاءِ هڪ معاهدو تيار ڪيو جنهن تي هنن کان صحيح ڪرايون. عورت جو چوڻ هو ته گھرڀاتي هڪ ٻئي کان وڌيڪ پنهنجي موبائل جي ويجهو ٿي ويا هئا.

منجو گُپتا جي معاهدي تي سڀني کان صحيحون ڪرائڻ جو مقصد سمارٽ فون جي مناسب استعمال ۽ گھرڀاتين سان وقت گذارڻ جي عادت کي هٿي ڏيڻ آهي.

معاهدو جيڪو هڪ ڪاغذ تي هندي ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي، ان ۾ ٽي اصول طئي ڪيا ويا آهن جيڪي هيٺ بيان ڪجن ٿا.

GC68vx_aIAEZqDH

1-جڏهن گھرڀاتي صبح جو اٿن ته پنهنجي فون بدران سج ڏسن.

2-کاڌي جي ميز تي سڀني کي گڏجي کاڌو کائڻو آهي ۽ ان دوران ڪنهن وٽ موبائيل فون نه هجي.

3-ڪو باٿ روم ۾ به سمارٽ فون نه کڻي وڃي جو اتي ويهي وقت زيان ڪري.

معاهدي ۾ اهو به لکيو ويو آهي ته فيصلو ڪاوڙ نه ڪيو ويو آهي. ۽ سزا اِها واضح ڪئي وئي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان تي هڪ مهيني لاءِ آن لائين آرڊر تي کاڌو گھرائڻ تي پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.