عام چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ جو پلان ” بي“ سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو عام چونڊن لاءِ پلان “ بي “سامهون اچي ويو آهي، جنهن موجب بيٽ جو چونڊ نشان نه مليو ته پي ٽي آءِ ٻي پارٽي جي نالي ۽ نشان تي چونڊ وڙهندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف پنهنجي اميدوارن کي ٻه ٽڪيٽون جاري ڪيون آهن، هڪ ٽڪيٽ پي ٽي آءِ جي ٻي بلينڪ ٽڪيٽ جاري ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي بيٽ پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان هوندو يا نه؟ اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي ان حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.