پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن جو شيڊيول پڌرو، 4 شهرن ۾ 34 مقابلا ٿيندا

لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جو نائون سيزن جي شروعات 17 فيبروريءَ کان قذافي اسٽيديم لاهور کان ٿيندي.
پي ايس ايل شيڊيول موجب پهرين مرحلي ۾ لاهور ۽ ملتان ۾ ميچون ٿينديون جڏهن ته ٻئي مرحلي جي ميچن جي ڪراچي ۽ لاهور ميزباني ڪندا.


ٽورنامينٽ جي افتتاحي ميچ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽڊ وچ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 18 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ ٿيندو.
ٽورنامينٽ ۾ ست ڊبل هيڊر مقابلا ٿيندا جڏهن ته ليگ جون ڇهه ميچون ۽ هڪ ڪواليفائر ڏينهن جو کيڏيو ويندو.
پي ايس ايل جو نائون ايديشن ملڪ جي چئن شهرن، ڪراچي، لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو.
ميگا ايونٽ جون راولپنڊي ۾ ٽي، لاهور ۾ ٻه ميچون ڏينهن جوکيڏيون وينديون جڏهن ته ڪراچي ۾ يارنهن، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ نوَ، نوَ ۽ ملتان ۾ پنج ميچون شيڊيول آهن.
پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف پي ايس ايل شيڊيول جي اعلان تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان سپر ليگ جون نائون ايڊيشن 17 فيبروريءَ کان شروع ٿيڻ وارو آهي.
پاڪستان سپر ليگ لاءِ ٽيمن جي آمد ٻارنهن فيبروري کان شروع ٿيندي ۽ چار ڏينهن آفيشل پريڪٽس سيشن لاءِ هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.