نادرا جي وڏي سهولت، هاڻ گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرايو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي، جنهن سان گهر ويٺي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي سهولت هوندي.
شهرين کي قطار ۽ انتظار کان بچائڻ کاءِ نادرا جديد سهولت فراهم ڪري ڇڏي، نادرا پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ متعارف ڪرائي آهي، جنهن سان تصوير اپ لوڊ، فنگر پرنٽس ۽ آن لائن پيمينٽ آسان ٿي وئي.
نادرا موجب گهر ويٺي سڃاڻپ جي دستاويزن، فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ جي سهولت هوندي، نادرا ميگا آفيسن ۾ موجود خاص معلوماتي ڪائونٽرن تي رابطو ڪيو.
نادرا ترجمان چيو ته قومي سڃاڻپ ڪارڊ، ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين لاءِ سڃاڻپ ڪارڊ ۽ فيملي رجسٽريشن سرٽيفڪيٽ هاڻ گهر ويٺي ان ايپ ذريعي ٺهرائي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.