ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گُهلندي ئي بيضن جو اگهه آسمان تي پهچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ ۾ واڌ کانپوءِ بيضن جي اگهه ۾ به وڏي واڌ ٿي وئي.
ڪراچي ۾ ٿڌيون هوائون گهلندي ئي بيضن جو اگهه آسمان تي پهچي ويو، ريٽيل مارڪيٽ ۾ في درجن بيضا 400 رپيا، جڏهن ته ديسي بيضا 800 رپيا في درجن وڪرو ٿيڻ لڳا.
ڪراچي ايگ ڊيلرز ويلفيئر ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري محمد ادريس ان حوالي سان چيو ته فارمرز طلب وڌڻ سبب من پسند اگهه مقرر ڪري ڇڏيا آهن.
بيضا فارم جي سطح تي 392 رپيا في درجن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ڪمشنر شهر ۾ في درجن بيضن جي قيمت 290 رپيا مقرر ڪئي هئي، جنهن تي عمل نه پيو ٿئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.