عوام خبردار! کنگهه جي سيرپ ۾ زهريلي جُزن جو انڪشاف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) صحت لاءِ نقصانڪار کنگهه جا سيرپ ميڊيڪل اسٽورن تان واپس گهرائي ورتا.
ڊريپ اختيارين موجب کنگهه جي سيرپ ۾ ٿائلينڊ کان درآمد ٿيل ڪچو مال پروپلين گلائيڪول استعمال ٿيو، درآمد ٿيل پروپلين گلائيڪول ۾ صحت لاءِ نقصانڪار جُزن جو مقدار 25 سيڪڙو نڪتو آهي.
ڊريپ اختيارين ٻڌايو ته کنگهه جي سيرپ جو درآمدي ڪچو مال سڄي ملڪ ۾ سپلاءِ ٿيو، سڄي ملڪ مان کنگهه جي سيرپ جو درآمدي ڪچو مال واپس گهرائي رهيا آهيون.
ڊريپ موجب بدنيتي ثابت ٿي ته ملوث ماڻهن خلاف ڪرمنل ڪيس فائل ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.