ذيبول ۾ قانون ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ وارن شاگردن کان زباني امتحان ورتا ويا

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪلفٽن ( ذيبول ) ۾ پي ايڇ ڊي  مڪمل ڪرڻ وارن شاگردن جا باظابطا واءِ واز (  زباني امتحان) ورتا ويا.

ذيبول جي ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ذيبول جي امتحان واري شعبي جي قائم مقام ڪنٽرولر واصف قدوس جي اعلان کان پوءِ زباني انٽرويوز منعقد ڪيا ويا .

ترجمان موجب، قانون واري شعبي جي ٻن شاگردن عبدالصبور ولد عبدالقيوم پي ايڇ 0025 جنهن جو سپروائيزر اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر جاويد عزيز مسعودي هيو جڏهن ته شاگرد محمود احمد ولد منور حسين پي ايڇ 0031 سندس سپروائيزر ڊاڪٽر عبدالرزاق هيو، پروفيسر شميم ڪي هاشمي جي اڳوڻي ۾ ٿيسز جو دفاع ڪيو.

ترجمان موجب، پروفيسر ڊاڪٽر محمد طاهر (ايڪسٽرنل ايگزامنر)، ڊاڪٽر تحريم فرخ (انٽرنل ايگزامنر)، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرامت الله حسيني ۽ ڊاڪٽر ڪاشف رياض کي آڊيٽر طور شامل ڪيو ويو،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.