لڪي مروت ۾ مقابلو، ٻه دهشتگرد مارجي ويا، ٻه جوان شهيد

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته بهادري سان وڙهندي ٻه جوان به شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب لڪي مروت ۾ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻي جو پتو لڳايو، فائرنگ جي سخت ڏي وٺ ۾ ٻه دهشتگرد آفتاب عرف ملنگ ۽ مسعود شاهه مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه جوان (سپاهي محمد افضل ۽ سپاهي ابرار حسين) شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، انهن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به برآمد ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.