سنڌ ۾ نجي اسڪولن کي پولنگ اسٽيشن بڻائڻ لاءِ هدايتون جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ پولنگ اسٽيشن ٺاهڻ لاءِ چونڊيل نجي اسڪولن کي هدايت نامو جاري ڪيو ويو.

گذريل ڏينهن ايڊيشنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول رفيعا جاويد طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ اسڪولن کي شامپنجين وڳي تائين کليل رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

هدايت نامي ۾ چيو ويو آهي ته آر او ڪنهن به وقت اسڪولن جو دورو ڪري سگهن ٿا، ڇنڇر ۽ آچر تي به اسڪول کليل رهندا.

رفيعا جاويد طرفان جاري ڪيل هدايت نامي ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته صوبي جا نجي اسڪول تياري مڪمل ڪري وٺن، اسڪولن ۾ بجلي، پيئڻ جو پاڻي، واش روم جون سهولتون يقيني بڻايون وڃن، لاپرواهي ڪرڻ تي اسڪول خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.