بنون ۾ پوليو ٽيم تي حملو، ٻه پوليس اهلڪار شهيد

بنون (ويب ڊيسڪ) بنون ۾ پوليو ٽيم تي حملي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
پوليس موجب پوليو ٽيم ميريان جي علائقي ۾ ٻارن کي ڦڙا پيئاري رهي هئي، ٽيم جي سيڪيورٽي لاءِ ٻه پوليس اهلڪار به ڊيوٽي تي هئا، ٽيم جيئن ئي ٽيري رام ڀرسان پهتي ته ٻن دهشتگردن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن سان ڊيوٽي تي مقرر ٻئي پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ٻنهي زخمي پوليس اهلڪارن کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ٻئي علاج دوران لاڏاڻو ڪري ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابي ڪارروائي سان هڪ حملي آور زخمي ٿي پيو، جيڪو ويجهي علائقي ۾ روپوش ٿي ويو، جنهن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.