نقيب الله قتل ڪيس، اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويو.
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت 7 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو.
جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو پر عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪيس جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو.
ڪيس ۾ نامزد جوابدارن ۾ گدا حسين، صداقت حسين، رياض احمد، راجا شميم، عباس ۽ شعيب شامل آهن.
پراسيڪيوشن موجب اڳوڻي ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بري ڪيو ويو آهي، ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله مروت سميت 7 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار مفرور هئا، 7 مفرور جوابدارن دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کانپوءِ پاڻ کي سرينڊر ڪيو هو.
پراسيڪيوشن جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ هڪ جوابدار شعيب شوٽر ضمانت، جڏهن ته امان الله مروت سميت 6 جوابدار گرفتار آهن.
واضح رهي ته نقيب الله کي جنوري 2018 ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.