مصطفيٰ ڪمال، شهباز شريف جي حق ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ لاءِ ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ وچ ۾ اتفاق ٿي ويو.
گذريل ڏينهن ايم ڪيو ايم وزيراعظم لاءِ نواز شريف کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.
ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق چيو هو ته ايم ڪيو ايم وزارت عظميٰ لاءِ نواز شريف کي سپورٽ ڪندي، 8 فيبروري کانپوءِ سنڌ ۾ به گڏيل حڪومت ٺاهينداسين.
اڄ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال ڪراچي جي تڪ اين اي 242 تي شهباز شريف جي حق ۾ هٿ کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي.
بلديا ٽائون جي تڪ تان شهباز شريف چونڊن ۾ حصو وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.