”بيٽ جو نشان واپس نه مليو ته اسان وٽ پلان بي موجود آهي“

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان واپس نه مليو ته اسان وٽ پلان بي موجود آهي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ 5 ڪلاڪ ٻڌڻي ڪئي، سڀاڻي به ڌرين کي ٻڌو ويندو، هاءِ ڪورٽ بيٽ جي نشان جي حوالي سان فيصلو ڏيندي، اميد ته فيصلو اسان جي حق ۾ ايندو.
هن چيو اسان کي اميد آهي ته بيٽ جو نشانو واپس ملندو، جيڪڏهن ائين ٿيو ته 12 جنوري تائين اميدوارن ۾ ٽڪيٽون ورهائينداسين، وڪيلن کي به ٽڪيٽ ڏينداسين، انهن جو حصو آهي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ سامهون هڪ آرڊر چئلينج ڪيو هو، پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اچي و ته سپريم ڪورٽ ڪيس جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.