تيل سستو ٿي ويو

عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل 4 سيڪڙو تائين سستو ٿي ويو.
آمريڪي ڪچو تيل ڊبليو ٽي آءِ 4 سيڪڙو تائين گهٽجڻ کانپوءِ 70 ڊالر في بيرل جي سطح تي وڪرو ٿي رهيو آهي.
برطانوي ڪچي تيل برينٽ آئل جي في بيرل قيمت 3 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجڻ کانپوءِ 76 ڊالرن کان هيٺ اچي وئي آهي.
ان کانسواءِ گئس جي قيمت 5 سيڪڙو گهٽجي 2 ڊالر 76 سينٽ في ايم ايم بي ٽي يو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.
واضح رهي ته اڄ سعودي عرب طرفان ڪچي تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ عالمي سطح تي ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڏٺي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.