سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ساليانو 3 اربن جي منافعي جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته ٿرڪول مائننگ ڪمپني هلندڙ سال 3 ارب رپين جو منافعو ڪمايو، جنهن مان ڏيڍ ارب رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪيا ويا.
سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني ساليانو 3 اربن جي منافعي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن مان سنڌ حڪومت کي 1.5 ارب رپيا منافعي جي ادائيگي ڪئي ويندي.
ان حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته ڪمپني منافعي مان 1.5 رپيا سنڌ حڪومت کي ادا ڪندي، ڪمپني هيل تائين 4.11 ارب رپين جو منافعو سنڌ حڪومت کي ادا ڪيو.
هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي سان سستي بجلي ٺهندي آهي، ناڻي جي بچت ٿيندي آهي، ٿر جو ڪوئلو سستي بجلي جي پيداوار ۽ حڪومت لاءِ انتهائي منافعي بخش آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.