ڌيءَ کي ناجائز سمجهي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا جو حڪم

چارسدا (ويب ڊيسڪ) چارسدا جي عدالت ڌيءُ کي ذبح ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
چارسدا جي ايڊيشنل سيشن جج عبدالحسن خان ٻارڙي کي قتل ڪندڙ جوابدار کي موت جي سزا ٻڌائي.
پوليس موجب جوابدار عبيدالله پنهنجي 4 ورهين جي ڌيءُ مريم کي ڪُهي ڇڏيو هو، کيس شڪ هو ته سندس ڌيءَ ان جي ناجائز اولاد آهي.
عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي موت جي سزا جو حڪم ٻڌايو ۽ فيصلي ۾ وارثن کي 5 لک رپيا ڏنڊ به ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.