فهميده ۽ ذوالفقار مرزا چونڊن جي ڊوڙ کان ٻاهر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي فهيمده ۽ ذوالفقار مرزا جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون.
اليڪشن ٽربيونل ۾ اين اي 223 مان ذوالفقار مرزا ۽ سندس گهراري فهميده مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي.
اليڪشن ٽربيونل پي ايس 71، 70 ۽ 72 مان به ذوالفقار مرزا جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي.
فهميده مرزا جي وڪيل چيو ته فيصلي خلاف اپيل فائل ڪري ڇڏي آهي، بئنڪ مان لون ڪمپني جي نالي تي ورتو ويو پنهنجي نالي تي نه.
جنهن تي اعتراض ڪندڙ جي وڪيل چيو ته اميدوار کي اثاثا، رهتن جا تفصيل فراهم ڪرڻ لازمي آهي، فهميده مرزا جي وڪيل چيو ته اعتراض ڪندڙن کي اعتراض داخل ڪرڻ جو حق ناهي، هن جو واسطو لاڳاپيل تڪ سان ناهي.
اليڪشن ٽربيونل فهميده مرزا ۽ ذوالفقار مرزا جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون ۽ رٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو، جنهن کانپوءِ ٻئي چونڊ جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.