ڀارتي رياست ۾ چِيتن جو انگ 314 سيڪڙو وڌي ويو

ڀارتي رياست اتراکنڊ ۾ شينهن (بنگال ٽائگرز) جو انگ تيزي سان وڌي رهيو آهي. 2006ع کان 2022ع دوران رياست جي ٻيلن ۾ شينهن جو انگ 314 سيڪڙو وڌي ويو آهي.
اتراکنڊ جي چيف وائليڊ لائيف وارڊن سمير سنها ٻڌايو ته رياست جا ٻيلا سڄي دنيا ۾ شينهن جي گنجان ترين آبادي وارن علائقن مان آهن. 2006ع ۾ هتي 178 شينهن هئا. هاڻي انهن جو انگ 560 ٿي چڪو آهي.
رياست ۾ شينهن جي حملن ۾ مارجي ويلن ۽ زخمين جو انگ به وڌيو آهي. 2021ع ۾ 2، 20222ع ۾ 16 ۽ 2023ع ۾ 17 ڄڻا مارجي ويا. ان مدي دوران شينهن جي حملن ۾ 27 ڄڻا زخمي ٿيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.