سنڌ ۾ عورت ويڪسينيٽرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ويڪسينيٽرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اليڪٽرڪ بائيڪس ايندڙ هفتي ورهايون وينديون.
صحت جي عالمي اداري ۽ سنڌ جي صحت کاتي جو وڏو قدم سامهون اچي ويو، سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو عورت ويڪسينيٽرز کي اليڪٽرڪ بائيڪ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
صوبائي صحت کاتي موجب 55 عورتن کي بائيڪس فراهم ڪيون وينديون، ويڪسينيٽرز فيڪس پوائنٽ ۽ ٻين جاين تي به ويڪسين لڳائينديون.
12 موذي مرضن کان بچاءَ لاءِ سڄي سنڌ ۾ قدم کنيا پيا وڃن، عورت ويڪسينيٽرز کي هاڻ ٻين گاڏين ذريعي سينٽر پهچائڻ جي ضرورت نه پوندي.
ان سان گڏوگڏ عورت ويڪسينيٽرز کي خاص ورديون به فراهم ڪيون وينديون، کين اليڪٽرڪ بائيڪس ايندڙ هفتي ڏنيون وينديون ۽ بائيڪ هلائڻ جي ٽريننگ به ڏني ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.